عشق سينگار آ

عشق سينگار آ

عشق سينگار آ

عشق سينگار آ (ڪتاب): هي ڪتاب نامور شاعر الطاف لاکير جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن کي پروفيسر عبيدالله لاکير ۽ صوفي محبت علي لاکير ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جو مهاڳ نامور شاعر عبدالغفار ‘تبسم’ لکيو آهي، جڏهن ته پروفيسر عبيدالله لاکير ۽ صوفي محبت علي لاکير جا ڪتاب بابت رايا ۽ مصنف جي والد شهيد سردار احمد خان بابت قربان علي لاکير جا مضمون شامل آهن. ان بعد سنڌي سان گڏ ڪجهه اردو شعر پڻ شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب جي آخري حصي ۾ الطاف لاکير جي شاعري ۽ لاکير قبيلي جي اهم شخصيتن متعلق لکيل آهي ۽ هن ڪتاب ۾ ڪجهه اهم ماڻهن جون تصويرن سميت تعارف ڏنو ويو آهي.
هي ڪتاب آل سنڌ لاکير ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران آگسٽ 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. رنگين ٽائٽل سان ڊيمي سائيز جي 268 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو